زرعي ترقياتي ڪارپوريشن

زرعي ترقياتي ڪارپوريشن: زراعت جي شعبي سان وابسته پنهنجي نوعيت جي پهرين ۽ بنيادي زرعي ڪارپوريشن جو قيام پهرين آڪٽوبر 1961ع ۾ رکيو ويو. هن ڪارپوريشن جي قيام جي رٿا 1959ع ۾ زرعي سڌارن تي ڪميشن جي هڪ رپورٽ جي آڌار تي تيار ڪئي وئي. هن ڪارپوريشن جو پهريون سربراهه ميجر جنرل حق نواز مقرر ٿيو. ڪارپوريشن جي قيام جو مقصد ملڪي هارين کي فصلن جي واڌاري ۽ ترقيءَ لاءِ فني مشورن سان گڏ ٻنين جي خوراڪ ۽ سار سنڀال لاءِ مالي امداد فراهم ڪرڻ هو ته جيئن اهي زميني پيداوار ۾ اضافو ڪري ملڪي خوشحاليءَ ۾ ڪردار ادا ڪري سگھن. ان ئي خيال جي پيشِ نظر ساڳئي سال 1961ع ۾ هارين جي مالي سهائتا لاءِ هڪ ٻئي اداري زرعي ترقياتي مالياتي ڪارپوريشن جو بنياد وڌو ويو. مٿين ٻنهي ادارن جي بهترين ڪارڪردگيءَ جي نتيجي ۾ هارين ۽ زراعت سان لاڳاپيل ماڻهن وڌندڙ گھرجن جي پورائيءَ لاءِ 1961ع ۾ اي. ڊي. بي آرڊيننس هيٺ ٻنهي ادارن کي ملائي ايگريڪلچر ڊويلپمنٽ بئنڪ آف پاڪستان (Agriculture Development Bank of Pakistan A.D.B.P) وجود ۾ آندي وئي. زرعي بيئنڪ جي قيام جو مقصد وسيع پئماني تي ٻهراڙين ۾ زراعت جي پيشي کي هٿي وٺرائڻ هو. زراعت سان لاڳاپيل هارين ۽ ننڍن زميندارن کي هٿرادو ڀاڻ، ٻج، ڪيڙا مار دوائن، ٽريڪٽرن، ضروري اوزارن، ٽيوب ويل، وڻڪاري، ٻوٽن جي پوکائي، ڀاڄين ۽ ميون جي پوکائي، ڪڪڙن جو فارم، ڊيري فارمنگ، ماکيءَ جي افزائش، ريشم جي ڪيڙن جي پرورش ۽ اهڙين ٻين گھريلو صنعتن جي واڌاري لاءِ قرض مهيا ڪندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو